حامد الله ’حامد‘ تنيو

حامد الله ’حامد‘ تنيو: مشهور بزرگ، عالم۽ شاعر، ميان حامد حضوريءَ جو پورو نالو حامد الله ولد روشن علي فقير تنيو هو. سندس والد روشن علي تنيو وڏو عالم ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو ڄاڻو هو. هو رئيس ميرو خان جي دؤر ۾ ڀٽين جي ڀرسان هڪ ڳوٺ مان لڏي اچي ميرو خان شهر ۾ ويٺو. هيءُ بزرگ خدا رسيده حال ۽ ڪال جو صاحب هو. حامد حضوريءَ جو جنم 12 جنوري 1798ع ۾ ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن جي تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي، ديني تعليم جي تڪميل کان پوءِ پوري ڄمار عبادت، وعظ ۽ تبليغ ۾ گذاري، وقت قرآن جي تلاوت، درس ۽ تدريس ۾ صرف ڪندو هو. حامد حضوري جي درس ۽ تدريس ۾ صرف ڪندو هو. حامد حضوري جي درس ۽ تدريس جي نتيجي ۾ ڪيترا ماڻهو پري کان لڏي اچي ميروخان ۾آباد ٿيا. هن بزرگ جي ماڻهن وٽ وڏي مڃتا هئي. حامد پنهنجي پيءُ جي وفات بعد گادي نشين بڻيو.
حامد الله، عالم ۽ شاعر هو. ميان حامد الله جي لقب ’حضوري‘ بابت روايت آهي ته اهو لقب کيس بشارت۾ حاصل ٿيو هو. ميان حامد ابتدا ۾ شاعري ڪئي ۽ ڪافيون ۽ مناجاتون لکيون. سندس مناجاتون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘ ۾ شامل آهن. سندس ڪيترو ڪلام گم ٿي ويو.
هن بزرگ 3 نومبر 1873ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميرو خان، قنبر- شهدادڪوٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1798.01.12  عيسوي

حامد حضوريءَ جو جنم 12 جنوري 1798ع ۾ ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.


1873.11.03  عيسوي

هن بزرگ 3 نومبر 1873ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سونو خان ملاح:
امر پيرزادو
احمد فراز
ميان قائم الدين فقير شر
رضوي محمد زمان شاهه
سليم ڳاڙهوي
ذوالفقار راشدي
چيتن ديوڪي ورما يمراج
رئيس عبداللطيف لطيف ناپر
شهنشاهه هالائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون